تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

حاڪميت صرف الله جي آهي، دهشتگرد ڪهڙي شريعت ۽ دين جي ڳالهه ڪن ٿا: آرمي چيف

- Advertisement -
آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته حاڪميت صرف الله جي آهي، دهشتگرد ڪهڙي شريعت ۽ دين جي ڳالهه ڪن ٿا، دهشتگردن کي پنهنجي ايجنڊا مڙهڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، نوجوانن کي پاڪستانيت جو جذبو اختيار ڪرڻ گهرجي، ملڪي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي لاءِ پاڪ فوج جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير سان مختلف يونيورسٽين ۽ ڪاليج جي شاگردن ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب ملاقات دوران آرمي چيف جنرل عاصم منير شاگردن جو حوصلو وڌايو. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف پاڪستان تي ٻاهرين ماحول جي اثرن خاص خور سرحد پار دهشتگردي جي خطري تي به روشني وڌي. آرمي چيف جنرل عاصم منير نوجوانن جي تخيليقي صلاحيتن جي ساراهه ڪندي چيو ته نوجوان پاڪستان جي مستقبل جي قيادت آهن. آءِ ايس پي آر موجب ملاقات دوران آرمي چيف پاڪستان جي خودمختياري ۽ جغرافيائي سالميت جي تحفظ ۾ پاڪ فوج جي ڪردار کي اجاگر ڪيو. آرمي چيف ملڪ کي دهشتگردي جي ناسور کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ ۾ قوم جي قربانين جو اعتراف ڪندي هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏ عوام جي حمايت جي پڻ ساراهه ڪئي. آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو ته تعليمي سرگرمين ۾ بهترين ڪارڪردگي ۽ ملڪي ترقي لاءِ هاڪاري ڪردار  لاءِ مهارت حاصل ڪئي وڃي، نوجوان پاڪستان جي مستقبل جي قيادت آهن. هن چيو ته پاڪستاني عوام خاص طور نوجوانن جو پاڪ فوج سان انتهائي مضبوط رشتو آهي، ملڪ دشمن عنصرن جي فوج ۽ عوام وچ ۾ ڏار وجهڻ جي ڪوشش هميشه ناڪام رهي آهي ۽ رهندي. سندس چوڻ هو ته کين پنهنجي مذهب، ثقافت ۽ روايت تي فخر آهي، حاڪميت صرف الله جي آهي، دهشتگرد ڪهڙي شريعت ۽ دين جي ڳالهه ڪن ٿا،؟ هو ڪڏهن به دهشتگردن کي پنهنجي سوچ ملڪ تي مڙهڻ نه ڏيندا. آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو ته ڪي پي ۽ بلوچستان جا وفادار ماڻهو دهشتگردن اڳيان ڀت بڻجي بيٺل آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
10 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
29.3 ° C
29.3 °
29.3 °
13 %
2.3kmh
4 %
جمعو
31 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
27 °

تازه ترين خبرون