- Advertisement -
پٿوري ۾ ٻن ڌار ڌار واقعن ۾ 6 مهينا اڳ پرڻيل ناري ۽ چئن ٻارن ماءُ آپگهات ڪري ڇڏيو.
رام نگر ڪالوني ۾ چاليهن سالن جي ڇيمي ڪولهي مبينا طور ڦاهو کائي زندگي جو انت آندو.
اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي عورت جو لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال پهچايو، جتان پوسٽ مارٽم بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
علائقي ۾ چوٻول آهن ته عورت گهرو اڻبڻت تان ڦاهو کائي آپگهات ڪيو آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته ٻڌايو پيو وڃي ته عورت آپگهات ڪيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
هوڏانهن گلزار پاڙي واسڻ 6 مهينا اڳ پرڻيل ناري ثمينا ڀيل گهر جي چونئري ۾ رسو ٻڌي ڦاهو کائي زندگيءَ جو انت آڻي ڇڏيو….- Advertisement -
