تازه ترين

وفاقي ڪابينا آپريشن عزم استحڪام جي منظوري ڏئي ڇڏي

- Advertisement -
وفاقي ڪابينا آپريشن عزم استحڪام جي منظوري ڏئي ڇڏي، وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته آپريشن عزم استحڪام ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي ٿيندو، آپريشن جي ماضي سان ڀيٽ نه ڪرڻ گهرجي، ڪارروائي دوران ڪنهن کي ڪٿي منتقل نه ڪيو ويندو. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ٿيو. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ 11 نڪاتي ايجنڊا تي غور ڪيو ويو. ذريعن موجب، وفاقي ڪابينا مالي سال 23-2022ع جي قومي اقتصادي ڪائونسل جي سالياني رپورٽ تي غور ڪيو، ڪابينا اي سي سي، سي سي ايل ايل سي ۽ حڪومتي ملڪيتي ادارن بابت ڪابينا ڪميٽي جي فيصلن جي منظوري ڏئي ڇڏي. ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي ڪابينا  نيشنل ايڪشن پلان جي ايپڪس ڪميٽيءَ جي فيصلن جي به منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ذريعن موجب، وفاقي ڪابينا آپريشن عزم استحڪام جي باضابطه منظوري ڏئي ڇڏي، وزيراعظم شهباز شريف وفاقي ڪابينا کي عزم استحڪام آپريشن بابت افواهن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته آپريشن عزم استحڪام ماضي جي آپريشنز جيان ناهي، عزم استحڪام آپريشن ۾ عوام کي ڪنهن قسم جي پريشاني کي منهن نه ڏيڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته آپريشن عزم استحڪام ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي ٿيندو، آپريشن جي ماضي سان ڀيٽ نه ڪرڻ گهرجي، ڪارروائي دوران ڪنهن کي ڪٿي منتقل نه ڪيو ويندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
15 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
32.9 ° C
32.9 °
32.9 °
8 %
3kmh
0 %
آچر
33 °
سُومر
35 °
اڱارو
36 °
اربع
36 °
خميس
35 °

تازه ترين خبرون