تازه ترين

پ پ اڳواڻ سردار سليم حيدر اڄ پنجاب جي گورنر جي عهدي جو قسم کڻندو

پ پ اڳواڻ سردار سليم حيدر اڄ پنجاب جي گورنر جي عهدي جو قسم کڻندو، اڳوڻو پرڏيهي وزير ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري قسم کڻڻ واري تقريب ۾ شرڪت لاءِ لاهور پهچندو.

پنجاب جي گورنر محمد بليغ الرحمان جي حلف برداري عمري جي لاءِ سعودي عرب ۾ هجڻ سبب قسم کڻڻ واري تقريب ٻه ڀيرا ملتوي ڪئي وئي، مسلم ليگ (ن) پ پ قيادت کي قسم کڻڻ واري قريب ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي.

سردار سليم حيدر خان اڄ پنجاب جي گورنر طور قسم کڻندو، قسم کڻڻ واري تقريب شام 4 وڳي گورنر هائوس لاهور ۾ ٿيندي، چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ شهزاد خان نئين گورنر کي قسم کڻائيندو، جنهن جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن.

 

پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول زرداري اڄ لاهور پهچندو ۽ گورنر هائوس ۾ نامزد گورنر سليم حيدر جي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت ڪندو، اڳوڻو پرڏيهي وزير 4 ڏينهن تائين لاهور ۾ ترسندو، بلاول ڀٽو زرداري آچر ڏينهن الحمراءَ ۾ ٿيندڙ سيمينار ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪندو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
120,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
0.6 ° C
0.6 °
0.6 °
33 %
4.5kmh
0 %
خميس
10 °
جمعو
11 °
ڇنڇر
13 °
آچر
14 °
سُومر
12 °

تازه ترين خبرون