پيپلزپارٽيءَ جي 57هين سالگرهه جي موقعي تي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري 30 نومبر تي سڄي ملڪ ۾ ڏيڍ سئو ضلعن ۾ ٿيندڙ تقريب کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندو.
بلاول ڀٽو زرداريءَ جي خطاب کان اڳ ڪوئيٽا ۾ وڏي وزير سرفراز بگٽي، ڄامشوري ۾ وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، پشاور ۾ ڪي پي جو گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ۽ ملتان ۾ پنجاب جو گورنر سليم سردار سليم حيدر خطاب ڪندو.
بلاول جي وڊيو لنڪ خطاب کان اڳ حيدرآباد ۾ سيد قائم علي شاهه، گجرانوالا ۾ اعتزاز احسن، پنڊي ۾ راجا پرويز اشرف ۽ سانگهڙ ۾ شازيا مري جو خطاب ٿيندو.
رحيم يار خان ۾ مخدوم احمد محمود، نثار کهڙو ۽ سعيد غني ڪراچي، خورشيد شاهه سکر، قمر زمان ڪائرا اٽڪ، جميل سومرو لاڙڪاڻي ۽ چوڌري منظور فيصل ۾ خطاب ڪندا.