پ پ ڪراچي ڊويزن جي صدر ۽ اڳوڻي صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته پ پ سدائين مظلومن جو آواز بڻجي آهي، فلسطين ۾ اسرائيل ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي.
ايم ڊبليو ايم وفد سعيد غني سان ملاقات ڪري کيس آچر ڏينهن فلسطينين جي حمايت رٿيل احتجاج ۾ شرڪت جي دعوت ڏني.
ان موقعي تي ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته پ پ جو فلسطنين بابت موقف واضح رهيو آهي، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به هر فورم تي فلسطين ۽ ڪشمير جو ڪيس وڙهيو.
هن چيو ته پ پ اسرائيل جي غزا تي حملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿي.
سعيد غني چيو ته پ پ قيادت فلسطينين تي ظلم خلاف ملڪي سطح سميت عالمي فورم تي آواز اٿاريندي……