تازه ترين

پ پ سينيٽ جون 12 سيٽون کٽيندي: وڏو وزير مراد علي شاهه

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته پ پ سينيٽ جون 12 ئي سيٽون کٽيندي، مقابلي لاءِ ايندڙ بائيڪاٽ ڪري ويا آهن.

سنڌ اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ناهي، ڇهن مهينن ۾ حالتون گهڻيون خراب ٿيون آهن.

هن چيو ته  ڪچي ۾ پوليس چوڪيون قائم ڪيون ويون آهن، امن امان جي صورتحال جلد بهتر ٿي ويندي.

وڏي وزير چيو ته ڪراچي شهر ۾ جنوري ۽ فيبروري ۾ اسٽريٽ ڪرائم ۾ واڌ ٿي، امن امان جي صورتحال کي بهتر ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، جلد ڏوهن تي ضابطو آندو ويندو.

مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته سرفراز راڄپر کي رٽائر ڪرڻ پيپلز پارٽي جو فيصلو آهي، ايم ڪيو ايم آزاد اميدوار  فيصل واوڊا کي ووٽ ڏيڻ جو اعلان ڪري چڪي آهي.

هن چيو ته پيپلز پارٽي جي فيصلي سان فيصل واوڊا جي ڪاميابي جا امڪان واضح ٿي ويا آهن، ايم ڪيو ايم آساني سان هڪ سيٽ حاصل ڪري سگهي ٿي جڏهن ته پارٽي فيصل واوڊا کي اضافي ووٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
108,000SubscribersSubscribe
Pakistan
moderate rain
12.9 ° C
12.9 °
12.9 °
70 %
4.5kmh
31 %
ڇنڇر
13 °
آچر
16 °
سُومر
18 °
اڱارو
21 °
اربع
22 °

تازه ترين خبرون