پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ طرفان ڪامريڊ ڄام ساقي کي سندس ڇهين ورسيءَ تي ڀيٽا

- Advertisement -
هارين جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندڙ ڪامريڊ ڄام ساقي جي ورسي ملهائي پئي وڃي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري طرفان کيس ڀيٽا پيش ڪئي وئي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ طرفان ڪامريڊ ڄام ساقي کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪامريڊ ڄام ساقي پورهيتن جي حقن لاءِ اڻٿڪ جدوجهد ڪئي. هن چيو ته طبقاتي استحصال خلاف مزاحمت ڄام ساقي جي لازوال ميراث آهي. پ پ چيئرمين چيو ته ڄام ساقي آمر ضياء الحق جي دور ۾ قيد جو تڪليفون برداشت ڪيون. هن چيوته شهيد محترمه بينظير ڀٽو فوجي عدالت ۾ پيش ٿي ڄام ساقي جي حق ۾ شاهدي ڏيندي چيو هو ته ڄام ساقي خلاف ڪيس بي بنياد ۽ سياسي بنيادن تي داخل ڪيو ويو آهي. پ پ چيئرمين چيو ته ڄام ساقي کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جو بهتر نمونو سندس مساوات، انصاف ۽ محنت ڪش طبقي کي بااختيار بڻائڻ جي سوچ تي عمل ڪرڻ آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڄام ساقي جي ميراث موجوده مشڪل حالتن مان نڪرڻ ۽ اهڙو مستقبل بڻائڻ ۾ رهنمائي ڪري ٿي جتي هر شهري جا حق ۽ وقار جي پاسداري ٿيندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.6 ° C
23.6 °
23.6 °
27%
1.1m/s
0%
سُومر
27 °
اڱارو
28 °
اربع
28 °
خميس
29 °
جمعو
30 °

تازه ترين خبرون