- Advertisement -
هارين جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندڙ ڪامريڊ ڄام ساقي جي ورسي ملهائي پئي وڃي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري طرفان کيس ڀيٽا پيش ڪئي وئي.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ طرفان ڪامريڊ ڄام ساقي کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي آهي.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪامريڊ ڄام ساقي پورهيتن جي حقن لاءِ اڻٿڪ جدوجهد ڪئي.
هن چيو ته طبقاتي استحصال خلاف مزاحمت ڄام ساقي جي لازوال ميراث آهي.
پ پ چيئرمين چيو ته ڄام ساقي آمر ضياء الحق جي دور ۾ قيد جو تڪليفون برداشت ڪيون.
هن چيوته شهيد محترمه بينظير ڀٽو فوجي عدالت ۾ پيش ٿي ڄام ساقي جي حق ۾ شاهدي ڏيندي چيو هو ته ڄام ساقي خلاف ڪيس بي بنياد ۽ سياسي بنيادن تي داخل ڪيو ويو آهي.
پ پ چيئرمين چيو ته ڄام ساقي کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جو بهتر نمونو سندس مساوات، انصاف ۽ محنت ڪش طبقي کي بااختيار بڻائڻ جي سوچ تي عمل ڪرڻ آهي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڄام ساقي جي ميراث موجوده مشڪل حالتن مان نڪرڻ ۽ اهڙو مستقبل بڻائڻ ۾ رهنمائي ڪري ٿي جتي هر شهري جا حق ۽ وقار جي پاسداري ٿيندي.- Advertisement -
