پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان جي ايٽمي طاقت بڻجڻ کي 26 سال مڪمل ٿيڻ تي عوام کي مبارڪ پيش ڪئي.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان جي ايٽمي طاقت بڻجڻ کي 26 سال مڪمل ٿيڻ تي جاري ڪيل پيغام ۾ چيو آهي ته اڄ قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي نظريي کي ياد ڪريون ٿا، جنهن پاڪستان کي ايٽمي قوت بڻائڻ جو خواب ڏٺو.
هن چيو ته شهيد ڀٽو عالمي دٻاءَ باوجود پنهنجي خواب کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ ايٽمي پروگرام جي پيڙهه جو پٿر رکيو.
بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته اڄ جي ڏينهن شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي به خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا.
هن چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي والد جي ويزن کي ثابت قدمي سان اڳتي وڌايو.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جديد ميزائل ٽيڪنالاجي فراهمي سميت پاڪستان جي دفاع لاءِ وڏيون خدمتون هيون.
هن چيو ته هو سائنسدانن ۽ سمورن ماڻهن کي سلام پيش ڪري ٿو، جن ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻايو.
پ پ چيئرمين چيو ته جوهري پروگرام جا سائنسدادن ۽ ان سان لاڳاپيل ٻيا ماڻهو اسان جا هيرو آهن.
هن چيو ته اڄوڪي ڏينهن تي هو ڪاميابي جو جشن ملهائي رهيا آهن ۽ هڪ محفوظ، پرامن ۽ جمهوري پاڪستان لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪن ٿا.