ٿرپارڪر ضلعي ۾ سانوڻي جون برساتون نه پوڻ سبب ڏڪار واري صورتحال شدت اختيار ڪري ورتي آهي .
فصل ۽ چوپائي مال جو چارو سڪي ٺوٺ ٿي ويو، ماروئڙن جي اربين روپين جو نقصان ٿي ويو.
ضلعي انتظاميا ٿرپارڪر ڏڪار جو خدشو ظاهر ڪندي اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ مختيارڪارن کان رپورٽ طلب ڪري ورتي .
ٿر ۾ گهربل برساتون نه پوڻ ڪري گاھ مڪمل سڪي تباھ ٿي ويو، ماروئڙن جو برسات تي پوکيل فصل گوار، ٻاجهر، تر، منگ، ڪورڙ، چوئنرا ۽ ٻيا فصل ٻج به موٽائي سگهيا.
فصل سڪي ڇڻڻ لڳو آهي، جڏهن ته ماروئڙن کي ٻج ۽ کيڙي سميت 3 مهينا پوري خاندان سميت ڪيل مزدوري واري رقم به نه ملي سگهي.
مٺي ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر پاران اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ مختيارڪارن کان ورتل رپورٽ ۾ مختيارڪارن فصل ۽ گاھ سڪي وڃڻ جي رپورٽ تيار ڪري ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو.
ضلعي انتظاميا ٿرپارڪر سنڌ حڪومت کي ٿر کي ڏڪار سٽيل علائقو قرار ڏيڻ لاءِ لکپڙهه شروع نه ڪئي. ٿر واسين پاران پوکيل ٻج ۽ کيڙي سميت 3 مهينا ڪيل مزدوري واري خرچ گچي ۾ پوڻ تي ٿر کي ڏڪار سٽيل علائقو قرار ڏئي امدادي ڪارروايون شروع ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي .