تازه ترين

ڀارتي آرمي چيف جا بيان والاريل ڪشمير ۾ جاري ظلم تان ڌيان هٽائڻ جي ناڪام ڪوشش آهي : پاڪ فوج

پاڪ فوج ڀارتي آرمي چيف جي الزامن تي سخت ۽ واضح موقف اختيار ڪندي چيو آهي ته ڀارتي آرمي چيف والاريل ڪشمير ۾ بدترين ظلم جو مظاهرو ڪري رهي آهي، ڀارتي آرمي چيف جا بيان والاريل ڪشمير ۾ جاري ظلم تان ڌيان هٽائڻ جي ناڪام ڪوشش آهي.

آرمي چيف جو چوڻ آهي ته اهڙيون سازشون ڪشميري عوام جي جائز مقصدن حاصل ڪرڻ جي خواهش کي دٻائي نه ٿيون سگهن، ڀارت غير قانوني انتظامي ۽ هڪ طرفي طور لاڳو ڪيل ڪاري قانونن ذريعي ڪشمير جي آبادي جي تناسب کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

هڪ دفاعي تجزيه نگار جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي رياست هميشه مظلوم ڪشميرين تي ٿيندڙ غير انساني ظلمن خلاف دنيا جي هر فورم تي اثرائتي آواز بلند ڪئي آهي.

دفاعي تجزيه نگار جو چوڻ هو ته 5 فيبروري، ڪشمير يڪجهتي جو ڏينهن، صرف هڪ ڏينهن نه پر هڪ عهد آهي، جيڪو پاڪستاني عوام ڪشميرين سان ڪيو آهي.

دفاعي تجزيه نگار جو چوڻ هو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج پاران ڪيل سڀني غير انساني ظلمن باوجود ڪشميرين جي آزادي جي جذبي کي دٻائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، پاڪستان هميشه دنيا جي هر فورم تي مظلوم ڪشميرين جي اخلاقي ۽ سفارتي مدد جاري رکندو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
123,000SubscribersSubscribe
Pakistan
few clouds
16.3 ° C
16.3 °
16.3 °
26 %
0.7kmh
17 %
جمعو
18 °
ڇنڇر
18 °
آچر
17 °
سُومر
17 °
اڱارو
17 °

تازه ترين خبرون