تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ڀارتي فالس فليگ آپريشنز جي تاريخ هڪ ڀيرو ٻيهر بي نقاب ٿي وئي آهي، هر وڏي حملي پٺيان ڀارت جا پنهنجا هٿ ملوث هئڻ جون شاهديون سامهون اچڻ لڳيون

- Advertisement -
ڀارتي فالس فليگ آپريشنز جي تاريخ هڪ ڀيرو ٻيهر بي نقاب ٿي وئي آهي، هر وڏي حملي پٺيان ڀارت جا پنهنجا هٿ ملوث هئڻ جون شاهديون سامهون اچڻ لڳيون. ڀارتي پوليس رپورٽ موجب 2007ع ۾ سمجهوتا ايڪسپريس تي حملو اصل ۾ هندو انتها پسندن ڪيو، جنهن جو ڪوڙو الزام پاڪستان تي لڳايو ويو. هندو انتهاپسند اسيمانند گرفتاري بعد عدالت ۾ اعتراف ڪيو ته سمجهوتا ايڪسپريس، اجمير ڌماڪن ۽ ماليگائون بلاسٽ سڀ هندو تنظيمن جو پلان هو. اڳوڻي ڀارتي سي بي آءِ آفيسر انڪشاف ڪيو ته ڀارتي حڪومتون پاڻ پارليامينٽ ۽ يارنهن ڇويهه ممبئي حملا منظم ڪنديون رهيون. خاص جاچ ٽيم ايس آءِ ٽي جي آفيسر قسم کڻي عدالت کي ٻڌايو ته انهن حملن جو مقصد سياسي فائدو ۽ عالمي همدردي حاصل ڪرڻ هو. اڳوڻي گورنر ڄمون ۽ ڪشمير ستياپال سنگهه پلوامه حملي کي حڪمت عملي تحت جوڙيل سازش قرار ڏنو، سندس چوڻ هو ته حملي جو سڌي ريت فائدو بي جي پي کي پهتو. چٽي سنگهه پوره قتل عام، جنهن ۾ 35 سل ماريا ويا، ان جو الزام به پاڪستان مٿان لڳايو ويو، پر دهلي جي عدالت ٻنهي پاڪستاني شهرين کي باعزت بري ڪري ڇڏيو. پنجاب پوليس جي اڳوڻي ڊي جي ڪي ايس گل بيان ڏنو هو ته ڀارتي ايجنسيون گهرو سياست جي لاءِ فالس فليگ آپريشنز ۾ ملوث رهيون آهن. آمريڪي صدر ڪلنٽن جي ڀارتي دوري دوران چٽه سنگهه پوره واقعو پيش آيو، جنهن کي عالمي ڌيان حاصل ڪرڻ جي لاءِ سياسي طور استعمال ڪيو ويو. دفاعي ماهرن موجب اُڙي حملو به اندروني حڪمت عملي جو حصو هو، وفاقي وزير خواجه آصف موجب اُڙي حملو هڪ اندروني ڪارروائي هئي. ٽائمز آف انڊيا موجب اڳوڻي آر ايس ايس ڪارڪن يشونٽ شنڊي عدالت ۾ قسم کڻڻدي بيان ڏنو ته سنگهه پريوار اسان کي بم ڌماڪن ذريعي بي جي پي کي ڪاميابي ۾ ڪردار ادا ڪيو. رابرٽ وادرا ويجهڙ ۾ ڏنل بيان ۾ پهلگام حملي کي هندو توا ايجنڊا سان جوڙيو، بي جي پي حڪومت ان جي بيان تي سخت ردعمل ڏنو. پهلگام حملي ۾ به بغير ڪنهن ثبوت جي ڀارت پاڪستان سان جنگ جي شروعات ڪري ڇڏي، سمورا حملا حيران ڪندڙ طور تي ڀارتي چونڊون ويجهو هئڻ دوران ٿيندا آهن. حقيقتون واضح آهن ته پارليامينٽ حملو، پلوامه، اُڙي، سمجهوتا ايڪسپريس، چٽه سنگهه پوره سڀ هڪ ئي ڪهاڻي جا مختلف باب آهن، ڀارت جي فالس فليگ آپريشنز جي آزاد عالمي جاچ ڪرائي وڃي ته جيئن خطي جو امن يرغمال نه رهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
20.9 ° C
20.9 °
20.9 °
36 %
2.3kmh
80 %
آچر
21 °
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
29 °

تازه ترين خبرون