تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

افغان حڪومت پابندي مڙهيل تنظيم ٽي ٽي پي ۽ ٻين دهشتگرد ٽولن خلاف ڪارروائي ڪري ته پاڪستان سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهي : وزيراعظم

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته افغان حڪومت پابندي مڙهيل تنظيم ٽي ٽي پي ۽ ٻين دهشتگرد ٽولن خلاف ڪارروائي ڪري ته پاڪستان سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهي. بين الاپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته امن ۽ استحڪام ئي پائيدار ترقي جو بنياد آهي، اهي سمجهن ٿا ته ترقي ان معاشري ۾ ممڪن آهي جتي امن ۽ سلامتي هجي. وزيراعظم جو چوڻ هو ته پاڪستان به ڪيترائي ڀيرا امن دشمن ڪاررواين کي منهن ڏنو، انهن هميشه استحڪام ۽ وطن جي دفاع ۾ عزم جو مظاهرو ڪيو، هنن جي هٿياربند فوج بهترين پيشيور ڪارڪردگي سان دشمن جو عزم ناڪام بڻايو. وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته هن سال مئي ۾ اوڀر سرحد تي بنا جواز اڳرائي ڪئي وئي جڏهن ته گذريل مهيني افغان سرزمين تان پاڪستاني چوڪين تي حملا ٿيا جن جو پاڪستان منهن ٽوڙ جواب ڏنو، دنيا ۾ جاري تڪرارن امن کي اجاگر ڪيو آهي. وزيراعظم جو چوڻ هو ته افغانستان کي سمجهڻو پوندو ته پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي جي حمايت سان امن حاصل نه ٿيندو، افغان حڪومت ٽي ٽي پي ۽ ٻين دهشتگرد ٽولن خلاف موثر ڪارروائي ڪري ته پاڪستان سهڪار لاءِ تيار آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
22.9 ° C
22.9 °
22.9 °
30 %
3.6kmh
100 %
آچر
23 °
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
29 °

تازه ترين خبرون