تازه ترين

ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ آءِ سي سي کي لکيل خط ۾ پاڪستان نه وڃڻ جا بي بنياد سبب بيان ڪيا

- Advertisement -
چيمپئنز ٽرافي لاءِ ڀارت پاڪستان نه اچڻ واري هوڏ تي قائم آهي، ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ آءِ سي سي کي پيسن جي آڇ پڻ ڪئي آهي. ذريعن موجب بي سي سي آءِ کي چيمپئنز ٽرافي لاءِ ٽيم پاڪستان نه موڪلڻ واري فيصلي کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ آءِ سي سي کي لکيل خط ۾ پاڪستان نه وڃڻ جا بي بنياد سبب بيان ڪيا. قانون موجب ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ کي ٽيم پاڪستان نه موڪلڻ جا پختا ثبوت ڏيڻا پوندا، آءِ سي سي کي سببن جو جائزو وٺي ڀارت بابت قطعي فيصلو ڪرڻو پوندو. پاڪستان نه وڃڻ جا سبب جائز نه ٿيا ته ڀارتي ٽيم کي پاڪستان اچڻ جو چيو ويندو، ڀارت نه مڃيو ته چيمپئنز ٽرافي ۾ نائين ٽيم کي شامل ڪري سگهجي ٿو. ذريعن موجب ڀارتي ٽيم جي شريڪ نه ٿيڻ سان آءِ سي سي کي 50 ڪروڙ ڊالر نقصان ٿيندو، آءِ سي سي ٽرافيءَ جي نشرياتي حقن، اشتهارن ۽ اسپانسرشپ کان ڪمائي ڪرڻي آهي، پاڪ ڀارت ميچون نه ٿيڻ سان انڊين بورڊ جي نقصان جو ڪاٿو 10 ڪروڙ ڊالر آهي………..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
28.8 ° C
28.8 °
28.8 °
9 %
5.9kmh
81 %
اربع
28 °
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
31 °
آچر
32 °

تازه ترين خبرون