ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي مان ۾ گورنر هائوس لاهور آجياڻو ڏنو ويو.
آجياڻي ۾ گورنر بليغ الرحمان، چيئرمين پي سي بي مينيجمينٽ ڪميٽي ذڪا اشرف، پاڪستان، افغانستان، سريلنڪا ۽ بگلاديشن جي رانديگرن به شرڪت ڪئي.
گورنر هائوس ۾ ٿيل تقريب ۾ بي سي سي آءِ جي صدر روجربني، نائب صدر راجيو شڪلا، ڊائريڪٽر بي سي سي آءِ يودهوير سنگهه ۽سيڪريٽري محمد خصوصي طور شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي راجيو شڪلا چيو هـُو ڪيترائي ڀيرا لاهور آيو آهي، هتان جي مهمان نواز ۽ ماڻهن جو پيار حيران ڪري ڇڏيندو آحي، ڪرڪيٽ ماڻهن کي ويجهو آڻيندي آهي.
واضع رهي ته گذريل ڏينهن ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جو 4 رڪني وفد ايشيا ڪپ جي ميچز ڏسڻ لاءِ پاڪستان پهتو هو.