ڀارتي رياست اتر پرديش ۾ ڊاڪٽرن حمل دوران وار کائڻ جي عادي عورت جي پيٽ مان اڍائي ڪلو وار ڪڍي ورتا.
ڀارتي ميڊيا موجب اتر پرديش جي علائقي چترا ڪوٽ جي رهواسي 25 ورهين جي عورت ڳورهاري ٿيڻ کانپوءِ وارا کائڻ جي عادل جو شڪار ٿي وئي.
ڀارتي ميڊيا موجب عورت پنهنجي وارن سميت ڀرپاسي جي ماڻهن جا وار به کائي ويندي هئي.
ڀارتي ميڊيا موجب ٻار جي پيدائش کانپوءِ عورت وارا کائڻ ته بند ڪري ڇڏيا پر سندس پيٽ ۾ سور رهڻ لڳو، پيٽ ۾ سور سبب عورت ڪجهه کائي به نه پئي سگهي.
گهر ڀاتين عورت کي ڊاڪٽر وٽ منتقل ڪيو پر دوائن به ڪو اثر نه ڏيکاريو.
عورت کي چترا ڪوٽ جي هڪ خانگي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي ڊاڪٽر پيٽ ۾ سور جو اصل سبب ڏسي حيران ٿي ويا.
ڊاڪٽرن عورت جي وارثن چيو ته وار کائڻ جي عادل سبب عورت جو معدو وارن سان ڀرجي ويو آهي، اهڙي حالت ۾ عورت جو موت به ٿي پئي سگهيو.
عورت جي 45 منٽن تائين سرجري کانپوءِ سندس پيٽ مان اڍائي ڪلو وزني وارن جو ڇڳو ڪڍيو ويو.