تازه ترين

ڀارت جي چونڊن ۾ ووٽرن کي متاثر ڪرڻ لاءِ آرٽيفيشل انٽيليجنس ذريعي جعلي وڊيوز ٺاھڻ جو انڪشاف

- Advertisement -
ڀارت جي چونڊن ۾ ووٽرن کي متاثر ڪرڻ لاءِ آرٽيفيشل انٽيليجنس ذريعي جعلي وڊيوز ٺاھڻ جو انڪشاف ٿيو آھي. بالي ووڊ اداڪار عامر خان کانپوءِ رنوير سنگھھ به آرٽيفيشل انٽيليجنس جي ذريعي ٺاھيل فيڪ وڊيوز جو نشانو بڻجي ويا. گذريل ڏينھن سوشل ميڊيا تي عامر خان ۽ رنوير سنگھھ جي جعلي وڊيوز ۾ ووٽرن کي چيو ويو ته اھي مودي کي ووٽ نه ڏين. وڊيوز ۾ اداڪارن کي ھاڻوڪي حڪومت جي پاليسين تي تنقيد ڪندي به ڏيکاريو ويو ھو،  بعد ۾ اھي وڊيوز سوشل ميڊيا تان ھٽايا ويا. ٻنھي اداڪارن وڊيوز کي جعلي قرار ڏيندي ايف آءِ آر داخل ڪرائي وئي آھي. ان کان پھريان ڀارتي چونڊن ۾ آرٽيفيشل انٽيليجنس جي مدد سان مشھور سياستدان پنھنجي ئي پارٽي جي حمايت ۾ سامھون آيو ھيو، 2016 ۾ فوت ٿي ويل جي لليتا جو پنھنجي پارٽي جي حمايت ۾ آڊيو پيغام ووٽرن کي حيران ڪري ڇڏيو ھو، اھو آڊيو به آرٽيفيشل انٽيليجنس جي مدد سان تيار ڪيو ويو. ٻي پاسي جي لليتا جي مختلف پارٽي به خاموش نه رھي ۽ 2018 ۾ فوت ٿي ويل ايم ڪرونانڌي جو اي آءِ سان ٺھيل وڊيو پيغام به جاري ڪيو ويو. وڊيو ۾ ڪرونانڌي پنھنجي پٽ ۽ تامل ناڊو جي ھاڻوڪي وڏي وزير لاءِ عوام کان مدد گھري ھئي………….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
23.7 ° C
23.7 °
23.7 °
41 %
2.9kmh
94 %
اڱارو
24 °
اربع
34 °
خميس
29 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
30 °

تازه ترين خبرون