گڏيل قومن ۾ پاڪستاني مشن جي نمائنده صائمه سليم چيو آهي ته ڀارت دهشتگردي جو شڪار ناهي پر ان جو اسپانسر آهي، والاريل ڪشمير ڀارت جو نه ڪڏهن هو نه ڪڏهن ٿيندو، آزادي جي تحريڪ دهشتگردي ناهي، ڀارت والاريل ڪشمير تي ظالماڻو قبضو ڪيو آهي، ڀارتي ظلمن ۽ پابندين باوجود ڪشميرين جي دل پاڪستان سان گڏ ڌڙڪي ٿي، ڀارتي ظالماڻي قبضي خلاف ڪشميرين جي مزاحمت جائز ۽ قانوني آهي، جنگي ڏوهن ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي ڀارت جوابده آهي، ڀارت پاڪستان سميت خطي جي ملڪن ۾ دهشتگردي ۾ ملوث آهي، ڀارتي دهشتگردي جون فرنچائز هاڻي عالمي ٿي ويون آهن.
گڏيل قومن ۾ پاڪستاني مشن جي نمائنده صائمه سليم ڀارت جو ڀرپور جواب ڏيندي چيو ته والاريل ڪشمير ڀارت جو نه ڪڏهن هو نه ڪڏهن ٿيندو، آزادي جي تحريڪ دهشتگردي ناهي ڀارت والاريل ڪشمير تي ظالماڻو قبضو ڪيو آهي.
سندس چوڻ هو ته ڀارتي ظلمن ۽ پابندين باوجود ڪشميرين جي دل پاڪستان سان گڏ ڌڙڪي ٿي، ڀارتي ظالماڻي قبضي خلاف ڪشميرين جي مزاحمت جائز ۽ قانوني آهي.
گڏيل قومن ۾ پاڪستاني مشن جي نمائنده صائمه سليم چيو ته جنگي ڏوهن ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي ڀارت جوابده آهي، ڀارت پاڪستان سميت خطي جي ملڪن ۾ دهشتگردي ۾ ملوث آهي، ڀارتي دهشتگردي جون فرنچائز هاڻي عالمي ٿي ويون آهن.
هن چيو ته ڀارت ۾ مسلمانن سميت اقليتن تي ظلم ڪيا پيا وڃن، هلندڙ سال جي شروعاتي 8 مهينن ۾ رڳو مسيحي برادري تي 525 حملا ڪيا ويا.
گڏيل قومن ۾ پاڪستاني مشن جي نمائنده صائمه سليم چيو ته دنيا ڀارت کي اسٽريٽجڪ سببن تي ڇوٽ ڏيڻ بند ڪري………
