ڀارت طرفان والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت تبديل ڪرڻ کي 4 سال مڪمل ٿي ويا آهن، ڪشمير جي استحصال جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي.
ڪشمير جي استحصال جو ڏهاڙي جي موقعي تي صبح نائين وڳي هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي.
ڪشمير جي استحصال جي ڏهاڙي تي ڪشميرين تي ٿيندڙ ظلمن خلاف عوامي ميڙاڪا، ريليون، واڪ، سيمينار، تصويري نمائش ۽ ٻيا آگاهي پروگرام ڪوٺايا پيا وڃن.
ڀارتي قابض فوج جي ظلمن جي حوالي سان دنيا کي آگاهي فراهم ڪرڻ لاءِ سمورن وڏن شهرن ۾ ڊجيٽل اسڪرينون لڳائي ڪري هندستان پاران ڪشميرين تي ڀارتي ظلمن جون ڊاڪيومينٽريز ڏيکاريون پيون وڃن.
اسلام آباد ۾ ڪشميرين تي ٿيندڙ ظلمن خلاف وزيراعظم جي صلاحڪار قمر الزمان ڪائرا ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ريلي ڪڍي وئي.
ريلي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن طرفان ڀارت خلاف ۽ ڪشميري عوام جي حق ۾ نعريبازي ڪئي وئي.
ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن طرفان عالمي برادري کان 5 آگسٽ 2019ع جا غيرقانوني واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو.
ريلي کي خطاب ڪندي قمر الزام ڪائرا چيو ته ڀارت جي مسلسل ڏاڍ باوجود ڪشميرين جي جدوجهد جاري آهي.
سندس چوڻ هو ته ڀارت طرفان والاريل وادي ۾ انساني حقن جون سنگين ڀڇڪڙين جو سلسلو جاري آهي.
وزيراعظم جي صلاحڪار قمر الزمان ڪائرا چيو ته گڏيل قومون ڪشمير بابت پنهنجي ٺهرائن تي عمل ڪرائن، پاڪستان ڪشميرين جي هر طرح جي حمايت جاري رکندو.