شڪارپور واسين سان ملتان ڀرسان حادثو، هڪ ڄڻو فوت، 2 ڄڻا زخمي

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

شڪارپور واسين سان ملتان ڀرسان حادثو پيش آيو جنهن جي نتيجي ۾ ڀيا هائوس جو ترجمان فوت ۽ ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا.

ملتان موٽروي تي تيز رفتار ڪار سان حادثي جي نتيجي ۾ سراج احمد ڀيو فوت ٿي ويو جڏهن ته شاهنواز ميمڻ ۽ خورشيد ڀيو زخمي ٿي پيا.

فوتي جو مڙهه ۽ زخمين کي ريسڪيو ٽيمن اسپتال منتقل ڪيو، زخمي شاهنواز ميمڻ ۽ خورشيد ڀيو جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

ٻڌايو پيو وڃي ته شڪارپور واسي دوست اسلام آباد کان شڪارپور اچي رھيا ھئا ته اسلام آباد-ملتان موٽروي تي حادثي جو شڪار ٿي ويا.

حادثي ۾ فوت ٿيل سراج ڀيو سلطان ڪوٽ جو رھواسي آھي جيڪو ڀيا هائوس جو ترجمان ۽ ايم اين اي عابد ڀيو جو پرسنل سيڪريٽري ھو.

ٻئي پاسي فوتي جو مڙهه ملتان کان اباڻي ڳوٺ آندو ويو آهي..

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
15 ° C
15 °
15 °
40%
1.6m/s
0%
آچر
14 °
سُومر
23 °
اڱارو
24 °
اربع
24 °
خميس
24 °

تازه ترين خبرون