پڊعيدن ڀرسان علامه اقبال ايڪسپريس جون ٻه بوگيون پٽڙيءَ تان لهي وڃڻ سبب متاثر ٿيل اپ ٽريڪ کي بحال ڪيو ويو آهي.
ريلوي اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪراچي کان سيالڪوٽ ويندڙ علامه اقبال ايڪسپريس جون ٻه بوگيون پٽڙيءَ تان لهي ويون جنهن سبب اپ ٽريڪ بند ٿي ويو هو.
ريلوي عملدارن جو چوڻ آهي ته حادثي ۾ ڪو به جاني نقصان ناهي ٿيو، سمورا مسافر محفوظ آهن.
ڊي ايس ريلوي جو چوڻ آهي ته رليف ٽرين روهڙي کان پڊعيدن پهچي وئي مرمتي ڪم بعد ٽريڪ بحال ڪيو ويو.
