تازه ترين

ڀارت هڪ دفعو ٻيهر آبي دهشتگردي شروع ڪري ڇڏي

ڀارت هڪ دفعو ٻيهر آبي دهشتگردي شروع ڪري ڇڏي، ڀارت طرفان پاڻي ڇوڙ ڪرڻ سبب چناب درياهه ۾ پاڻي جي سطح 2 لک 50 هزار ڪيوسڪ تائين پهچي وئي، جسڙ ۽ شاهدرا وٽ پاڻي جي سطح 40 کان 55 هزار ڪيوسڪ ٿيڻ جو امڪان آهي.

پي ڊي ايم اي موجب، چناب درياهه ۾ قادر آباد بئراج وٽ پاڻي جي سطح تيزي سان وڌي رهي آهي، جنهن سبب چناب درياهه ۾ پاڻي جي سطح 2 لک 50 هزار ڪيوسڪ رهڻ جو امڪان آهي.

پي ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته راوي درياهه ۾ جسڙ ۽ شاهدره وٽ 40 هزار کان 55 هزار ڪيوسڪ پاڻي جو امڪان آهي، جنهن سبب علائقي جي رهواسين کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

راجن پور ۽ ڪوهه سليمان جي جابلو علائقن ۾ طوفاني برسات رڪارڊ ڪئي وئي.

فلڊ ڪنٽرول روم جو چوڻ آهي ته برسات سبب برساتي ندي نالن ۾ چاڙهه ۽ پاڻي جي سطح ۾ اضافو ٿي ويو ۽ برساتي نالي ڪاها سلطان وٽان 19 هزار 606 ڪيوسڪ پاڻي جو وهڪرو گذري رهيو آهي.

فلڊ ڪنٽرول روم موجب، ڇاڇڙ نالي وٽان 11 هزار 450 ڪيوسڪ پاڻي جو وهڪرو گذري رهيو آهي.

فلڊ ڪنٽرول روم جو چوڻ آهي ته ڪالابگا وٽان 2 هزار 340 ڪيوسڪ پاڻي جو وهڪرو گذري رهيو آهي، جڏهن ته سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي سطح ۾ مسلسل واڌ سبب ڪوٽ مٺن وٽ وچولي درجي جي ٻوڏ رڪارڊ ڪئي وئي آهي………..

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_facebook="1523504" manual_count_instagram="48,882"]
Pakistan
clear sky
23.8 ° C
23.8 °
23.8 °
25 %
1.6kmh
0 %
آچر
31 °
سُومر
31 °
اڱارو
34 °
اربع
37 °
خميس
37 °

تازه ترين خبرون