- Advertisement -
پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٿيندڙ افتتاحي ٽيسٽ ميچ ۾ برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٿيندڙ ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ 21 آگسٽ کان راولپنڊي ۾ شروع ٿيندي، ميچ برسات سبب متاثر ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ميچ جا پنج ئي ڏينهن برسات پوڻ جو امڪان آهي.
برسات جي اڳڪٿي سبب اسٽيڊيم جي تيارين ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن.- Advertisement -
