ڀارت جي راڄڌاني واري شهر نئين دهلي ۾ ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ گرمي پد 52 ڏهائي 3 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.
ڀارتي ميڊيا موجب ڀارتي ميٽرولوجيڪل ڊپارٽمينٽ ٻڌايو ته اِهو گرمي پد اربع ڏهاڙي نئين دهلي جي ڀرپاسي واري علائقي منگيش پور ۾ رڪارڊ ڪيو ويو.
ڀارت جو سڀ کان گرم علائقو رياست راجستان جو وارياسو علائقو پهلودي آهي، جتي ڀارتي تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ گرمي پد 51 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو هو.
ڀارتي ميٽرولوجيڪل ڊپارٽمينٽ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته دهلي ۾ 52 ڏهائي 3 گرمي پد راجستان جي 51 ڊگري سميت اڳوڻن سمورن قومي رڪارڊن کي ٽوڙي ڇڏيو.
ڀارتي موسميات کاتي خبردار ڪيو آهي ته اهڙي صورتحال ۾ هر عمر جي ماڻهن کي هيٽ ويو ٿيڻ جو گهڻو امڪان آهي، وڏي عمر ۽ ڪمزور ماڻهن کي سڀ کان وڌيڪ احتياط ڪرڻ جي ضرورت آهي.
موسميات کاتي امڪان ظاهر ڪيو آهي ته ملڪ جي اترين، اولهندي ۽ سينٽرل علائقن ۾ گرمي جي لهر سڀاڻي کان گهٽجي ويندي.
2022 ۾ دهلي جي ڪجهه علائقن ۾ گرمي پد 49 ڏهائي 2 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو هو، جيڪو ان وقت جو سڀ کان وڌيڪ گرمي پد هو.
ڀارت ۾ سخت گرمي، برساتن ۽ ڪوهيڙي جو سبب موسمياتي تبديلي آهي، جنهن دنيا جي گرمي پد کي متاثر ڪيو آهي.