ڀرياسٽي ويجهو 3 ڏينهن اڳ پراسرار نموني گم ٿيل نينگر جو لاش هٿ ڪيو ويو آهي.
ٺارو شاهه واسي 8سالن جي محمد رضا راجپوت جو گندي پاڻي جي تلاءَ ۾ لاش ڏسي علائقي واسين پوليس کي اطلاع ڏنو.
اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش پاڻي مان ڪڍرائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
علائقي واسين جو چوڻ هو ته ٺارو شاهه واسي نينگر پنهنجي والده سان گڏ ناناڻن گهمڻ آيو هو، جتان 3 ڏينهن اڳ پراسرار نموني گم ٿي ويو هو.
نينگر جو لاش گهر پهچائڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو.
