تازه ترين

ڀريا روڊ: برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب  جنازو پاڻي مان گذاريو ويو

ڀريا روڊ  ڀرسان ڳوٺ مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب  جنازو برساتي پاڻي مان گذاريو ويو.

ڳوٺ عبدالواحد ڪلهوڙي جو رستو پاڻي ۾ ٻڏل هجڻ سبب فوت ٿي ويل  عورت جو جنازو متبادل رستو نه هجڻ سبب ڳوٺاڻن  2 ڪلو ميٽر برساتي پاڻي مان گذاري قبرستان آندو.

 ان حوالي سان ڳوٺاڻن دانهيندي چيو ته شڪايتن باوجود انتظاميا ڳوٺ مان برساتي پاڻي نيڪال ناهي ڪرايو.

رهواسين چيو ته ڳوٺ جي چئني طرفن کان پاڻي بيٺل هجڻ سبب لاش دفنائڻ به مسئلو بڻيل آهي.

ھنن اعليٰ اختيارين کان  مطالبو ڪيو ته ڳوٺ آڏو بيٺل پاڻي نيڪال ڪرائي ڳوٺاڻن ۾ ڇائنيل بيچيني ختم ڪئي وڃي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,160FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
26.3 ° C
26.3 °
26.3 °
27 %
2.4kmh
37 %
اڱارو
26 °
اربع
29 °
خميس
29 °
جمعو
28 °
ڇنڇر
27 °

تازه ترين خبرون