تازه ترين

ڄامشورو: هٿياربندن جي حملي ۾ اي ايس آءِ عابد شاهه زخمي

- Advertisement -
ڄامشوري ۾ هٿياربندن جي حملي ۾ اي ايس آءِ عابد شاهه زخمي ٿي پيو، اطلاع تي سيد برادري جي ماڻهن انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. ڊيوٽي تان گهر ويندي ڏنڊا بردار جوابدارن اي ايس آءِ عابد شاهه کي مرڻينگ ڪري ڇڏيو جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. اسپتال ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي زخمي اي ايس آءِ چيو ته ڏهه کان پندرنهن هٿياربندن گهر ڏانهن وڃڻ دوران روڪي حملو ڪيو. سندس چوڻ هو ته ڇاپي جي رد عمل ۾ بااثر عثمان کوسو حملو ڪرايو جنهن ۾ گاڏي کي به نقصان پهتو آهي. ٻئي پاسي پوليس زخمي اي ايس آءِ جي وارثن انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. مظاهرين جو چوڻ هو ته ڪيس ۾ گهربل جوابدار جي گرفتاري تان هٿياربندن اي ايس آءِ تي حملو ڪري پوليس جي رٽ جي چيلينج ڪيو آهي. هنن چيو ته پوليس آفيسر تي حملو ڪرڻ کُليل دهشتگردي آهي، ايس ايس پي ڄامشورو حملي آور جوابدارن کي فوري گرفتار ڪري ٻي پاسي الزام هيٺ آيل سياسي اڳواڻ عثمان کوسو سان صحافين پاران رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر سندس نمبر مسلسل بند وڃي رهيو هو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
19.1 ° C
19.1 °
19.1 °
6 %
2.3kmh
87 %
سُومر
16 °
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
18 °

تازه ترين خبرون