ڄامشورو پوليس موٽرسائيڪل چوري جي الزام ۾ گرفتار ڪيل چورن کي مبينا طور آزاد ڪري ڇڏيو.
سيدآباد ۾ هڪ هفتو اڳ پورهيت جي موٽرسائيڪل چوري ڪندڙ ٻن جوابدارن کي شهرين پڪڙي پوليس حوالي ڪيو هو.
شهرين جو چوڻ آهي ته گرفتار ڪيل چورن جي نشادهي تي پوليس وڌيڪ ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪيو هو .
شهرين موجب پوليس رشوت عيوض پنجن ئي جوابدارن کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي.
هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته شهر ۾ ايماندار پوليس آفيسر مقرر ڪري امن بحال ڪرايو وڃي.


