ڄامشورو پوليس ڪاررواين دوران چئن منشيات فروشن کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان منشيات هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
ڀان سيدآباد ۽ ڇڇر پوليس ڪارروائي ڪري چئن منشيات فروشن شاھ رخ ڀٽي، فاروق مستوئي، مور چنا ۽ سهراب گبول کي گرفتار ڪيو.
پوليس موجب، گرفتار ڪيل منيشيات فروشن جي قبضي مان مين پڙي، گثڪو ۽ نشي آور سوپاريون هٿ ڪري مٿن ڪيس داخل ڪيو ويو. ايس ايس پي ڄامشورو ڊاڪٽر فرخ رضا ملڪ ٻڌايو ته ضلعي ۾ منشيات فروشن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو آهي، ڪنهن به صورت ۾ منشيات فروشن کي بخش نه ڪيو ويندو.