ڄامشوري جي عدالت نورعين عرف نوين فاطما قتل ڪيس ۾ سندس والد ۽ ڀاءُ جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي جڏهن ته ضمانت رد ٿيڻ کانپوءِ جوابدار محمد علي مهر ۽ احسن مهر عدالت مان کسڪي ويا ۽ پوليس ڪنهن به قسم جي ڪارروائي نه ڪئي.
ڄامشوري جي سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج عبدالحڪيم قاضي جي عدالت ۾ بيدردي سان قتل ڪيل نورعين عرف نوين فاطما مھر جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
ٻڌڻي دوران عدالت نورعين عرف نوين فاطما مھر جي پيءُ ۽ ڀاءُ جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي.
عدالت مان ضمانت رد ٿيڻ بعد جوابدار محمد علي مھر ۽ سندس پٽ احسن مھر کسڪي ويا.
پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪنهن به قسم جي ڪارروائي نه ڪئي.
فريادي جي وڪيل ايڊووڪيٽ مير احمد مڱريو ٻڌايو ته قتل ڪيس جي اهم ٻڌڻي هئي جوابدارن جي ضمانت رد ٿي پوليس جي موجودگي ۾ جوابدار عدالت مان فرار ٿي ويا آهن.
15 مئي 2023 تي ڀان سيدآباد ٿاڻي جي حد ڳوٺ گلشير مھر ۾ بيدردي سان قتل ڪيل پرائمري ٽيچر نورعين عرف نوين فاطما مھر کي قتل ڪيو ويو هو.
ڀان سيد آباد ٿاڻي تي نورعين عرف نوين فاطما جي مڙس جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو.