ڄامشوري ۾ مهراڻ يونيورسٽي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو.
نويد ڪاڪيپوٽو، ظاهر سنڌي جي اڳواڻي ۾ يونيورسٽي جي مک گيٽ آڏو ڌرڻو ھڻي نعريبازي ڪئي.
احتجاج ڪندڙ شاگردن چيو تھ يونيورسٽي اندر شاگردياڻين کي حراسان ڪندڙ سينيئر اسسٽنٽ ابراهيم لاشاري خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
ھنن چيو تھ ابراهيم لاشاري شاگردياڻين کي حراسان ڪيو آهي، انتظاميا وٽ درخواستون موجود آهن، فوري طور جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي. ھنن وڌيڪ چيو تھ شاگردياڻين سان انصاف ٿيڻ تائين احتجاج جاري رهندا.


