پنجاب ۾ شگر جي مريضن جي اکين جي علاج لاءِ استعمال ٿيندڙ انجيڪشڻ آئوسٽن جي استعمال سبب مبينا طور ڪيترائي مريض ڏسڻ جي سگهه مان محروم ٿي ويا.
اها خبر ان وقت سامهون آئي جڏهن پ پ اڳواڻ چوڌري منظور سوشل ميڊيا تي پنهنجي ڀاءُ جي انجڪشن مان متاثر ٿيڻ بابت ٻڌايو.
پنجاب جي صحت واري نگران وزير جاويد اڪرم برطانوي نشرياتي اداري سان ڳالهائيندي چيو ته ڪيترائي ماڻهو آئوسٽن جي جعلي انجيڪشن لڳڻ سبب ڏسڻ جي سگهه کان محروم ٿيا آهن.
هن چيو ته جعلي انجيڪشن لاهور جي هڪ ڊسپينسري جي ٻن ڪمرن ۾ تيار ڪئي ويندي هئي، جنهن کي سيل ڪيو ويو آهي، ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪري ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آهي.
نگران صوبائي وزير چيوته معاملي جو هو جائزو وٺي رهيا آهن ته اها انجيڪشن ڪٿي ڪٿي وڪرو ٿي رهي آهي…
