ڄامشوري ۾ ٻه معصوم ٻارڙا برساتي پاڻي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويا.
گلشن شهباز واري علائقي ۾ برساتي پاڻي جي کڏ ۾ وهنجڻ دوران 2 معصوم نينگر ٻڏي ويا.
پاڻي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويل جا لاش ٻاهر ڪڍي اسپتال منتقل ڪيا ويا.
فوتين جي سڃاڻپ عبدالحفيظ ۽ ريحان گاڏهي طور ڪئي وئي.
پوليس موجب فوت ٿيل ٻئي نينگر سڳا ڀائر آهن.
هوڏاهن ٻنهي ڀائرن جا لاش گهر پهچائڻ تي ڪهرام مچي ويو ۽ والدين کي بيهوشي جا دورا پوندا رهيا.