تازه ترين

حادثاتي حڪومتن ذريعي جنم وٺندڙ نسل شيرواني  سِبرائي تيار ويٺي : خواجه آصف

- Advertisement -
بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته حادثاتي حڪومتن ذريعي جنم وٺندڙ نسل شيرواني  سِبرائي تيار ويٺي آهي. سماجي رابطن واري ويب سائٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ خواجه آصف چيو ته اڄڪلهه وڏيون پريس ڪانفرنسون ۽ ٽي وي شوز ٿي رهيا آهن، ملڪ جي سياست 75 ورهين ۾ ڪيترن ئي حادثن کي جنم ڏنو. هن چيو ته انهن حادثن ذريعي غير جمهوري سيٽ اپ ٺهندا رهيا جيڪي چونڊن جو پراڊڪٽ ناهن هوندا ۽ ڪڏهن ڪڏهن اهي ظاهري طور چونڊن لاءِ هوندا آهن ۽ ڪڏهن اڻڄاڻيل مدي لاءِ ڊگها ٿي ويندا آهن. خواجه آصف چيو ته انهن حادثاتي حڪومتي سيٽ پس سياستدانن، ٽيڪنوڪريٽس ۽ ڪاروباري ماڻهن جو اهڙو نسل ڏنو جيڪي هر وقت ڪنهن حادثي جي انتظار ۾ شيرواني سبرائي تيار ويٺا هوندا آهن. بچاءَ واري وزير چيو ته جڏهن حالتن جي بي يقيني هوندي آهي ته اهي نيون سياسي پارٽيون، پريس ڪانفرنسون ۽ ٽي وي تي نظر ايندا آهن رخ پنڊيءَ طرف ڪن ٿا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
24.2 ° C
24.2 °
24.2 °
44 %
2.2kmh
30 %
خميس
24 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
33 °
آچر
34 °
سُومر
35 °

تازه ترين خبرون