- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ امتحانن دوران بجلي جي بندش سبب شاگرد توڙي استاد ڏکيائن کي منهن ڏيڻ تي مجبور بڻيل آهن.
ڄام صاحب ۾ يارهين جي پيپر دوران بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ سبب شاگرد گرميءَ ۾ بيهوش ٿي ويو.
هائر سيڪنڊري اسڪول ۾ يارهين ڪلاس جو شاگرد وسيم گپچاڻي پيپر دوران گرمي لڳڻ سبب بيهوش ٿي ويو.
اسڪول انتظاميا بيهوش ٿيل شاگرد کي مقامي اسپتال منتقل ڪيو، جتي کين طبي امداد ڏني وئي.
ٻي پاسي ڊگهڙي ۾ ٽرانسفارمر خراب هجڻ سبب گورنمينٽ بوائز سيڪنڊري اسڪول ۾ شاگرد سخت گرمي ۾ بنا بجلي جي پيپر ڏيڻ تي مجبور بڻجي ويا.
استادن ۽ شاگردن جو چوڻ هو ته اسڪول ۾ بجلي نه هئڻ ڪري قهر جي گرمي سبب عذاب ۾ مبتلا آهيون.
هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته امتحانن دوران اسڪول ۾ لوڊشيڊنگ نه ڪئي وڃي، ته جيئن شاگردن کي پيپر ڏيڻ ۾ آساني ٿئي.- Advertisement -
