ڪراچي: گرو مندر ويجهو ڪار تي فائرنگ، 2 ڀائر مارجي ويا، 2 ڄڻا زخمي

- Advertisement -
ڪراچي جي علائقي گرو مندر ويجهو ڪار تي فائرنگ ۾ 2 سڳا ڀائر قتل ۽ ٻه زخمي ٿي پيا جڏهن ته سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري فائرنگ ۾ ٻن ڄڻن جي مارجڻ جو نوٽيس وٺندي ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي پوليس کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي. جمشيد ڪوارٽر ڀرسان ٽن موٽرسائيڪلن تي سوار ڇهن هٿياربندن گوليون هڻي واجد اورنگزيب ۽ سندس ڀاءُ شان اورنگزيب کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته فائرنگ ۾ مقتولن جا ٻه ڀائر زخمي ٿي پيا. ايس پي جمشيڊ ڪواٽر علينه راڄپر جو چوڻ آهي ته ڪار تي فائرنگ مبينا طور دشمني تان ڪئي وئي آهي. سندس چوڻ هو ته جوابدارن ڪار تي ٻن طرفن کان فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻه ڀائر قتل ۽ ٻه زخمي ٿي پيا، جڏهن ته  هڪ محفوظ رهيو. علينا راڄپر جو چوڻ هو ته مقتولن جا لاش ۽ ٻنهي زخمين کي  اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جتي هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. ايس پي جمشيڊ ڪورارٽر چيو ته واقعو ٽارگيٽ ڪلنگ جو نتيجو آهي، واقعي واري هنڌ تان 9 ايم ايم  پسٽل جا 18 خول هٿ ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ڪار تي گولين جا نشان پڻ مليا آهن. پوليس ذريعن موجب ڪار تي فائرنگ مبينا طور دشمني سبب ڪئي وئي، مارجي ويلن جو تعلق مشهور آئس ڪريم جي دڪان سان هو. پوليس موجب پنجن ڀائرن کي سٽي ڪورٽ ۾ پيشي لاءِ وڃڻ دوران نشانو بڻايو ويو. ايس ايس پي ايسٽ فرخ رضا جو چوڻ  آهي ته مقتولن جي هڪ ٻي ڌر سان قتل واقعي تان  دشمني هلندڙ هئي، مقتولن جي ڀاءُ تي ٻئي ڌر جي قتل ۾  ملوث هجڻ جو الزام آهي، جڏهن ته پوليس وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي. سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري فائرنگ ۾ ٻن ڄڻن جي مارجڻ جو نوٽيس ورتو. سنڌ جي گورنر، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي پوليس کان واقعي بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي. سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري چيو ته دهشتگردي يا ذاتي دشمني واقعي جي جاچ ڪئي وڃي، فائرنگ ۾ ملوث ماڻهن کي فوري طور گرفتار ڪرو وڃي. هن چيو ته ڪراچي شهر جي امن ۾ رنڊڪ وجهڻ واري ڪنهن جي به سازش برداشت نه ٿي ڪري سگهجي. گورنر سنڌ ڪامران ٽسوري ٻن ڄڻن جي مارجڻ تي افسوس جو اظهار ۽ مرحومن جي مغفرت توڙي وارثن جي صبر جميل لاءِ دعا ڪئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
29.6 ° C
29.6 °
29.6 °
14%
3.4m/s
0%
اربع
29 °
خميس
30 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
28 °
آچر
27 °

تازه ترين خبرون