تازه ترين

چوهڙ جمالي ۾ اجتماعي زيادتي جو شڪار ناري ويم دوران فوت ٿي وئي

چوهڙ جمالي ۾ اجتماعي زيادتي جو شڪار ناري ويم دوران فوت ٿي وئي، پوليس ناري جي والد جي فرياد تي ٻن ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪري هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

ڳوٺ محمد ڪوري ۾ اجتمائي زيادتي جو شڪار ناري سامائي شورو فوت ٿي وئي آهي.

ناري جي والد جي درخواست تي جوابدار غلام قادر شورو ۽ ناٿو شورو خلاف لاڏيو ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

فريادي ايف آءِ آر ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته 8 مهينا اڳ ٻن جوابدارن غلام قادر شورو ۽ ناٿو شورو سندس نياڻي سان اجتمائي لڄالٽ  ڪري کيس خاموش رهڻ جي ڌمڪي ڏني هئي.

هن چيو ته خوف سبب سندس نياڻي ڪنهن کي به نه ٻڌايو ته کيس حمل ٿي ويو آهي.

فريادي چيو ته طبيعت خراب ٿيڻ تي ڌيءُ کي اسپتال منتقل ڪيو، جتي هو ڊليوري دوران فوت ٿي وئي.

 پوليس جو چوڻ آهي ته ڪيس نامزد هڪ جوابدار غلام قادر کي گرفتار ڪري ورتو آهي، معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
108,000SubscribersSubscribe
Pakistan
broken clouds
20.7 ° C
20.7 °
20.7 °
28 %
3kmh
72 %
اڱارو
20 °
اربع
25 °
خميس
26 °
جمعو
23 °
ڇنڇر
20 °

تازه ترين خبرون