- Advertisement -
چوهڙ جمالي ۾ عاشور ڏهاڙي ماتمي جلوس دوران 11 هزار وولٽيج بجلي جي تار مان ڪرنٽ لڳڻ سبب زخمي ٿيل عزادار فوت ٿي ويو، واقعي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.
شيعا تنظيم پاران مختيار دايو، حاجي مظفر لغاري، علي حسن حسيني، علي غلام سمون ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ چوهڙ جمالي ٿاڻي آڏو ڌرڻو هنيو ويو.
احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته حيسڪو عملدارن جي لاپرواهي سبب 11 هزار وولٽيج جي بجلي جي تار مان ڪرنٽ لڳڻ سبب عزادار فوت ٿيو آهي.
هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيستائين حيسڪو عملدارن کي گرفتار نه ڪيو ويندو تيستائين ڌرڻو جاري رهندو.- Advertisement -
