- Advertisement -
ميان صاحب ويجهو شر برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙي دوران لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب پنج ڄڻا زخمي ٿي پيا.
ڳوٺ وريام شر ۾ ٻن ڌرين وچ ۾ پلال جي معاملي تان جهيڙو ٿي پيو.
جهيڙي دوران لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب علي مراد شر، وحيد علي شر، دلمراد شر سميت پنج ڄڻا زخمي ٿي پيا.
وارثن زخمين کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتي کين طبي امداد ڏني وئي.- Advertisement -
