تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

چوڏهن ورهين جي نينگري سميت ٻين گم ٿيلن جي بازيابي بابت درخواستن تي ٻڌڻي عدالت پوليس رپورٽن کي روايتي قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

سنڌ هاءِ ڪورٽ چوڏهن ورهين جي نينگري سميت ٻين گم ٿيلن جي بازيابيءَ بابت درخواستن تي پوليس رپورٽن کي روايتي قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چوڏهن ورهين جي نينگري سميت ٻين گم ٿيلن جي بازيابيءَ بابت درخواستن جي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران پوليس رپورٽن کي روايتي قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو.

عدالت وفاقي حڪومت کي 2009 کان گم ٿيل ٻن نوجوانن جي بازيابيءَ لاءِ فوري قدم کڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته محمد امين ۽ محمد الياس جتي به هجن سندن پتو لڳايو وڃي، وفاقي گهرو وزارت جي جنھن به ماتحت اداري وٽ ھجن، ڳولھي ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي.

جاچ آفيسر موقف اختيار ڪيو ته ٻنھي نوجوانن کي ڳولڻ لاءِ جي آءِ ٽي ۽ 12 صوبائي ٽاسڪ فورس جا 25  اجلاس ٿي چڪا آهن، ٻنهي جي گم ٿيڻ جو پتو نه پئجي سگهيو آهي.

عدالت پاران گم ٿيل شهري فيض محمد جو ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو.

ايڊووڪيٽ عمران ميو موقف اختيار ڪيو ته فيض محمد ڪورنگي جي علائقي مان گم ٿي ويو ھو.

چوڏهن ورهين جي افشان جي بازياب نه ٿيڻ تي عدالت پاران ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو.

عدالت ايس ايس پي سينٽرل کي طلب ڪري ورتو.

پوليس موقف اختيار ڪيو ته گم ٿيل شهري زين العابدين گهر پهچي ويو آھي جنهن بعد عدالت شهري جي گم ٿيڻ بابت درخواست اڪلائي ڇڏي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
17.8 ° C
17.8 °
17.8 °
16 %
2.6kmh
100 %
جمعو
17 °
ڇنڇر
26 °
آچر
24 °
سُومر
25 °
اڱارو
23 °

تازه ترين خبرون