چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا تاجڪستان جو دورو ڪيو ۽ صدر امام علي رحمان سان ملاقات ڪئي.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب، جنرل ساحر شمشاد مرزا تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان کان علاوه حڪومتي عسڪري عملدارن سان به ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون.
آءِ ايس پي آر موجب، ملاقاتن دوران گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
پاڪ فوج جي ترجمان موجب، ملاقات دوران دفاعي سهڪار وڌائڻ تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.