اليڪشن ڪميشن ذريعن موجب چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا اجلاس جو وقت اڃا تائين طئي ناهي ڪيو، اجلاس ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي خط جو جائزو ورتو ويندو.
اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشن جي قانوني ٽيم صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي تجويز تي قانوني بريفنگ ۽ ماهر راءِ ڏيندا، اجلاس ۾ چارئي ميمبر ۽ لاڳاپيل ونگ جا ميمبر به شرڪت ڪندا.
ذريعن موجب، مشاورت کانپوءِ اليڪشن ڪميشن طرفان صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي عام چونڊن بابت ڏنل تجويز جو جواب ڏيندو.