تازه ترين

حيدرآباد ۾ ايف آءِ اي حيسڪو آفيس تي ڇاپو هڻي رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

حيدرآباد ۾ ايف آءِ اي حيسڪو آفيس تي ڇاپو هڻي رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.

علمدار چوڪ تي قائم حيسڪو روينيو آفيس تي ايف آءِ اي جي ٽي مسرور بلوچ جي اڳواڻي ۾ ڇاپو هنيو.

ايف آءِ اي جي ٽيم چئن ڪلاڪن تائين رڪارڊ جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ بعد اهم رڪارڊ تحويل ۾ ورتو.

ايف آءِ اي جي جاچ آفيسر مسرور بلوچ ٻڌايو ته حيسڪو ريجن ۾ پگهارن جي مد ۾ گهوٻيون هنيون ويون آهن، هڪ آفيسر جي پگهار هڪ لک رپيا هئي پر هن ٽي لک رپيا پگهار ورتي.

ايف آءِ اي جي جاچ آفيسر مسرور بلوچ جو چوڻ هو ته ملازمن جي نالي تي 200سيڪڙو کان وڌيڪ پگهارون حاصل ڪيون ويون آهن، پگهارن جي مد ۾ 2017ع کان 2023ع تائين گهوٻيون هنيون ويون آهن هن چيو ته رڪارڊ تحويل ۾ ورتو آهي، جاچ مڪمل ڪرڻ بعد ڪارروائي ڪئي ويندي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
31 ° C
31 °
31 °
29 %
3.5kmh
0 %
خميس
30 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
33 °
آچر
34 °
سُومر
35 °

تازه ترين خبرون