تازه ترين
تنگواڻيءَ ۾ جسقم ۽ جساف پاران ٺل واسي معظم نوناري جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ احتجاج ٺل ۾ ڦر دوران مزاحمت تي قتل ٿيل دڪاندار حافظ معظم نوناري جي خون سان انصاف لاءِ احتجاج جو سلسلو جاري سينيٽ جي انساني حقن واري اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ  جي اجلاس دوران فاطمه ڦرڙو جي ڊي اين اي سيمپلن ۾ ٽيمپرنگ ٿ... سنڌ جي مختلف شھرن ۾بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت مستحق عورتن لاءِ آيل پيسن مان ڪٽوتي جو سلسلو جاري سنڌ جي مختلف شهرن ۾ غير قانوني پرڏيهين خلاف ڪريڪ ڊائون تيز ڪراچي ميٽرڪ بورڊ ڏهين درجي جي سائنس گروپ جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليم وآله وسلم جي آمد جي سلسلي ۾ ر... سکر ۾ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ زخمي ٿيل ڪوچ جي ڪلينر زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو اسلام آباد جي احتساب عدالت نيب ڪيسن ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني کي ط... سنڌ هائيڪورٽ آغا سراج دراني خلاف آمدني کان وڌيڪ ملڪيت ٺاهڻ واري ريفرنس ۾ ضمانت واري رقم جي واپسي باب...

چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا صدر عارف علويءَ سان ملاقات کان انڪار ڪري ڇڏيو

چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا صدر عارف علويءَ سان ملاقات کان انڪار ڪري ڇڏيو، صدر کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم بعد چونڊن جي تاريخ مقرر ڪرڻ اليڪشن ڪميشن جو اختيار آهي، صدر آرٽيڪل 58 ٽو تحت اسيمبلي ٽوڙي ته اليڪشن جي تاريخ مقرر ڪري سگهي ٿو، اسيمبلي وزيراعظم جي ايڊوائس تي ٽٽي ته چونڊن جي تاريخ مقرر ڪرڻ جو اختيار  اليڪشن ڪميشن وٽ آهي.

چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا، صدر کي جوابي خط لکيو.

خط ۾ چيو ويو ته في الحال چيف اليڪشن ڪمشنر صدر سان ملاقات نه ڪندو، قومي اسيمبلي وزيراعظم جي ايڊوائس تي آئين جي آرٽيڪل 58 ون تحت ٽٽي، اليڪشن ايڪٽ جي سيڪشن 57 ۾ ترميم ٿي چڪي آهي.

چيف اليڪشن ڪمشنر طرفان خط ۾ چيو ويو ته اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم بعد اليڪشن جي تاريخ مقرر ڪرڻ اليڪشن ڪميشن جو اختيار آهي.

خط موجب صدر آرٽيڪل 58 ٽو تحت اسيمبلي ٽوڙي ته اليڪشن جي تاريخ مقرر ڪري سگهي ٿو.

اليڪشن ڪميشن جوابي خط ۾ چيو ته جيڪڏهن اسيمبلي وزيراعظم جي ايڊوائس تي ٽٽي ته اليڪشن جي تاريخ مقرر ڪرڻ جو اختيار  اليڪشن ڪميشن کي آهي.

اليڪشن ڪميشن جوابي خط ۾ چيو ته صدر جي خط ۾ اٿاريل نقطا موجوده حالتن ۾ لاڳو نٿا ٿين.

خط موجب  وزيراعظم جي ايڊوائس بعد صدر جو آرٽيڪل 48 پنج جو اختيار ختم ٿي وڃي ٿو.

جوابي خط ۾ چيو ويو ته اليڪشن ڪميشن چونڊون ڪرائڻ جي ذميواري ادا ڪرڻ لاءِ سنجيده آهي.

جوابي خط ۾ چيو ويو ته اليڪشن ڪميشن صدر جي آفيس کي احترام سان ڏسي ٿي.

خط موجب صدر سان ملاقات فخر جوڳي ڳالهه آهي ۽ مناسب وقت تي صدر کان رهنمائي ورتي ويندي. جوابي خط ۾ چيو ويو ته اليڪشن ڪميشن سمجهي ٿي ته ملاقات جا نتيجا معمولي هوندا.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,163FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
28.8 ° C
28.8 °
28.8 °
7 %
3.4kmh
0 %
خميس
28 °
جمعو
27 °
ڇنڇر
26 °
آچر
27 °
سُومر
28 °

تازه ترين خبرون