چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سميت سپريم ڪورٽ جي پنجن ججن ۽ لاهور هائيڪورٽ جي چئن ججن کي به ڌمڪيءَ وارا خط مليا آهن.
ججن کي ڌمڪين وارا خط ملڻ جو سلسلو رڪجي نه سگهيو آهي، اسلام آباد هائيڪورٽ جي ججن کانپوءِ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سميت سپريم ڪورٽ جي پنجن ججن ۽ لاهور هائيڪورٽ جي چئن ججن کي به ڌمڪيءَ وارا خط موڪليا ويا.
ذريعن موجب سپريم ڪورٽ جي سينيئر ترين جج جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس اطهر من الله، جسٽس جمال مندوخيل ۽ جسٽس امين الدين کي ڌمڪيءَ وارا خط مليا آهن.
ذريعن ٻڌايو ته چارئي خط پهرين اپريل تي سپريم ڪورٽ کي مليا، جن پائونڊر به مليو ۽ ڌمڪيءَ واريون شڪلون ٺهيل آهن.
سپريم ڪورٽ جي ججن کي گل شاد نامي عورت طرفان خط لکيا ويا.
ججن کي مليل خط ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمنيٽ حوالي ڪيا ويا آهن.
هوڏانهن لاهور هائيڪورٽ جي چئن ججن کي به ڌمڪين وارا خط مليا آهن.
لاهور هائيڪورٽ جي رجسٽرار آفيس چئن ججن کي ڌمڪين وارا خط ملڻ جو تصديق ڪئي.
رجسٽرار آفيس موجب خط جسٽس شجاعت علي خان، جسٽس شاهد بلال حسن ۽ جسٽس عاليه نيلم جي نالي موڪليا ويا آهن.
جن ججن کي خط موڪليا ويا آهن، اهي لاهور هائيڪورٽ جي انتظامي ڪميٽيءَ جا ميمبر آهن.
لاهور هائيڪورٽ جي رجسٽرار آفيس موجب جسٽس عابد عزيز شيخ کي به ڌمڪيءَ وارا خط مليا آهن.
ججن کي ڌمڪين وارا خط ملڻ بعد سي ٽي ڊي ۽ پوليس آفيسر لاهور هائيڪورٽ پهچي ويا ۽ عدالت جي سڪيورٽي به سخت ڪئي وئي آهي.
شڪي خطن جي جاچ لاءِ فارنزڪ ٽيمون هائيڪورٽ پهچي ويو، جڏهن ته سي سي ٽي وي ڪئمرائن جو به جائزو ورتو ويو..