تازه ترين

چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ جڊيشل ڪميشن جو پهريون اجلاس اڄ ٿيندو

- Advertisement -
جوڊيشل ڪميشن جو پهريون اجلاس اڄ ٿيندو، 26 هين آئيني ترميم ۽ جوڊيشل ڪميش جي ٻيهر جوڙجڪ کانپوءِ هي پهريون اجلاس هوندو. ايجنڊا موجب، اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ ۾ آئيني بينج جي ٻيهر جوڙجڪ ۽ ان ۾ ججن جي نامزدگي تي غور ڪيو ويندو. چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيى آفريدي جي صدارت هيٺ جوڊيشل ڪميشن جو پهريون اجلاس اڄ منجهند ٻه وڳي سپريم ڪورٽ ۾ ٿيندو. جڊيشل ڪميشن جي اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ جا سينيئر جج جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس منيب اختر ۽ جسٽس امين الدين شرڪت ڪندا. قانون وارو وفاقي وزير نذير تارڙ، اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ ۽ پاڪستان بار ڪائونسل جو نمائندو اختر حسين به شرڪت ڪندا. جڊيشل ڪميشن جي اجلاس ۾ پيپلزپارٽي جو سينيٽر فاروق ايڇ نائيڪ، مسلم ليگ ن جو شيخ آفتاب احمد، عمر ايوب ۽ تحريڪ انصاف جو شبلي فراز ۽ عورت ميمبر روشن خورشيد به شريڪ ٿيندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
26.7 ° C
26.7 °
26.7 °
11 %
3kmh
0 %
سُومر
26 °
اڱارو
35 °
اربع
36 °
خميس
36 °
جمعو
34 °

تازه ترين خبرون