- Advertisement -
جوڊيشل ڪميشن جو پهريون اجلاس اڄ ٿيندو، 26 هين آئيني ترميم ۽ جوڊيشل ڪميش جي ٻيهر جوڙجڪ کانپوءِ هي پهريون اجلاس هوندو.
ايجنڊا موجب، اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ ۾ آئيني بينج جي ٻيهر جوڙجڪ ۽ ان ۾ ججن جي نامزدگي تي غور ڪيو ويندو.
چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيى آفريدي جي صدارت هيٺ جوڊيشل ڪميشن جو پهريون اجلاس اڄ منجهند ٻه وڳي سپريم ڪورٽ ۾ ٿيندو.
جڊيشل ڪميشن جي اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ جا سينيئر جج جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس منيب اختر ۽ جسٽس امين الدين شرڪت ڪندا.
قانون وارو وفاقي وزير نذير تارڙ، اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ ۽ پاڪستان بار ڪائونسل جو نمائندو اختر حسين به شرڪت ڪندا.
جڊيشل ڪميشن جي اجلاس ۾ پيپلزپارٽي جو سينيٽر فاروق ايڇ نائيڪ، مسلم ليگ ن جو شيخ آفتاب احمد، عمر ايوب ۽ تحريڪ انصاف جو شبلي فراز ۽ عورت ميمبر روشن خورشيد به شريڪ ٿيندا.- Advertisement -
