تازه ترين

چيف سيڪريٽري سنڌ جو ڪراچي چڙيا گهر لاءِ ايندڙ وقت ۾ غير مقامي جانور خريد نه ڪرڻ جو حڪم

سنڌ جي چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه جي صدارت هيٺ ڪراچي جي چڙيا گهر بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ ڪمشنر ڪراچي، سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ، ميونسپل ڪمشنر، ڊائريڪٽر ريڪريئيشن ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسر شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ آگاهي ڏني وئي ته چڙيا گهر ۾ هن وقت مختلف قسمن جا لڳ ڀڳ 850 جانور ۽ پکي موجود آهن ۽ 2012 کان وٺي چڙيا گھر لاءِ ڪو به جانور خريد نه ڪيو ويو آهي.

ان موقعي تي چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه ڪراچي چڙيا گهر کي مستقبل ۾ غير ملڪي جانور خريد نه ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته ڌارين جانورن کي نه رکڻ گهرجي، اهي هتان جي ماحول ۾ زندهه نٿا رهي سگهن.

هن چيو ته جانورن کي ضروري جڳهه کاڌي ۽ ماحولياتي حالتن کان محروم ڪيو ويندو آهي ته ۽ اهي دٻاءُ، بيماري ۽ وقت کان اڳ موت جو شڪار ٿي ويندا آهن.

چيف سيڪريٽري هدايت ڪئي ته چڙيا گھر ۾ سڀني جانورن کي عالمي معيار مطابق کاڌو ۽ صحت جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن.

هن خاطري ڪرائي ته سنڌ حڪومت چڙيا گھر ۾ جانورن جي خوراڪ ۽ صحت لاءِ ضروري فنڊ فراهم ڪندي.

چيف سيڪريٽري جهنگلي جيوت کاتي ۽ ڪمشنر ڪراچي کي هدايتون ڏنيون ته جانورن ۽ پکين جي غير قانوني واپار ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
123,000SubscribersSubscribe
Pakistan
overcast clouds
9.9 ° C
9.9 °
9.9 °
20 %
2.3kmh
99 %
خميس
10 °
جمعو
17 °
ڇنڇر
18 °
آچر
16 °
سُومر
17 °

تازه ترين خبرون