تازه ترين

چيلهار ويجهو ساهرن جي ظلمن کان تنگ اچي ٻن ٻارڙن جي ماءُ مبينا طور ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو

چيلهار ويجهو ساهرن جي ظلمن کان تنگ اچي ٻن ٻارڙن جي ماءُ مبينا طور ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو، وارثن پاران ساهرن تي ناري کي قتل ڪرڻ جو الزام لڳائيندي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو .

ڳوٺ جنجهير ۾ ٻن ٻارڙن جي ماءُ چاڳو ٻائي مبينا طور ساهرن جي ظلمن کان تنگ اچي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو.

اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ناري جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.

ناري جي وارثن ڇيلهار ٿاڻي آڏواحتجاجي مظاهرو ڪيو.

وارثن جو چوڻ آهي سندن نياڻي تي سس، مڙس ۽ ڏير تشدد ڪندا هئا، جنهن سبب هن تنگ اچي آپگهات ڪيو آهي.

هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ناري جي قتل جو ڪيس سندس مڙس، سس ۽ ڏير خلاف داخل ڪيو وڃي.

 

 

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
101,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
13.1 ° C
13.1 °
13.1 °
27 %
4.4kmh
2 %
اڱارو
13 °
اربع
15 °
خميس
16 °
جمعو
16 °
ڇنڇر
16 °

تازه ترين خبرون